پير سائين پاڳارو

پيران پاڳارن جو پاڳاري ٿيڻ جو دؤرانیو ۽ سندن لقب.
پاڳارو :
پاڳارو  يعني “پڳ وارو”اسلام ۽ تصوف جي تاريخ ۾ “پاڳارو” لقب،خانقاه پير سائين  سيد محمد راشد روزي ڌڻي قدس سره جي سجاده نشين مشائخن کي مليل آهي . مخدوم صاحب محمد اسماعيل پريان لوئي جن کي مراقبي ذريعي حضور سرور ڪائنات صلي الله عليه وسلم  جن جي محفل ۾ حاضري نصيب ٿيندي هئي . هڪ ڀيري حضرت ميان سائين سيد محمد بقا شاهه “پٽ ڌڻي” جن به ان محفل ۾ شريڪ ٿيا ۽ درگاهه رسالت مان کين پڳ مبارڪ عنايت ٿي. پير سائين پٽ ڌڻي جن اها دين ۽ طريقي جي پڳ پنهنجي فرزند پير سيد محمد راشد روزي ڌڻي  ڏانهن  منتقل ڪئي. حضرت روزي ڌڻي  جي وصال ( 1234هه) کانپوءِ سندس اولاد مان وڏي فرزند  پير سيد  صبغت الله شاهه اول کي ميراث ۾ اها پڳ مبارڪ ملي ۽ پاڻ “پهريون پير پاڳارو” طور مشهور ٿيو ۽ سندس ڀاءُ پير ياسين شاهه کي حضرت روزي ڌڻي جي ميراث مان هڪ تاريخي جهنڊو مليو ۽ اهو “پهريون پير جهنڊي وارو ” طور مشهور ٿيو .
پاڳارو پهريون ..
حضرت روزي ڌڻي  جي وصال کانپوءِ، سندن فرزند پير سيد صبغت الله شاهه “اول” پهرين پير پاڳاري طور ٻارهن سال سجاده نشين رهيو ۽ 1246هه ۾ وصال ڪيائين .
پاڳارو ٻيون ..
پير سيد صبغت الله شاهه تجرڌڻي  جي وصال بعد سندس فرزند پير سيد علي گوهر شاهه “اصغر سائين” عرف بنگلي ڌڻي ٻئي پير پاڳاري طور سترهن سال سجاده نشين رهيو ۽ 1263هه ۾ وصال ڪيائين .
پاڳارو ٽيون ...
پير سائين سيد علي گوهر شاهه جي وصال بعد سندن فرزند  پير سائين سيد حزب الله شاهه “مسڪين” تخت ڌڻي “ٽئين پير پاڳاري” طور  پنجيتاليهه سال سجادهه نشين رهيو ۽ 1308هه ۾ وصال ڪيائين .
پاڳارو چوٿون ...
پير سائين سيد حزب الله شاهه جي وصال بعد سندن فرزند پير سائين سيد علي گوهر شاهه ثاني “محافي ڌڻي” چوٿين پير پاڳاري طور  ڇهه سال سجاده نشين رهيو ۽ 1314هه ۾ وصال ڪيائين،کيس اولاد نه هيو .
پاڳارو پنجون...
  پير سائين علي گوهر شاهه  ثاني جي وصال کانپوءِ  سندن ٻيو ڀاءُ پير سائين سيد شاهه مردان شاهه اول “ڪوٽ ڌڻي” پنجين پير پاڳاري طور ڇويهه سال سجاده نشين رهيو ۽ 1340هه ۾ وصال ڪيائين .
پاڳارو  ڇهون ..
پير سائين ڪوٽ ڌڻي جي وصال  کانپوءِ سندن فرزند پير سائين سيد صبغت الله شاهه
پڳ ڌڻي عرف سورهيه بادشاهه  ڇهين پير پاڳاري طور ٻاويهه سال سجادهه نشين رهيو
۽ 1362هه ( 20 مارچ 1943ع )تي شهيد ٿيو .
پاڳارو ستون ..
حضرت سورهيه بادشاهه جي شهادت کانپوءِ نو (9) سال خانقاه جو نظام بند رهيو،ان کانپوءِ 1371هه 1952ع ۾ سندن فرزند پير سائين سيد شاهه مردان شاهه ثاني“ڇٽ ڌڻي”  ستين پير پاڳاري طور ٻاهٺ سال سجاده نشين رهيا ۽ پاڻ 1433هه ۾ وصال ڪيائون .
پاڳارو اٺون ..
پير سائين ڇٽ ڌڻي جي وصال کانپوءِ سندن وڏو فرزند پير سائين سيد صبغت الله شاهه ثالث اٺين پير پاڳاري طور سجاده نشين منتخب ٿيا ۽ هن وقت پاڻ ذميواريون ڀرپور نموني سرانجام ڏئي رهيا آهن .
پڙهي ڪري شيئر ڪندا.


نصيرالدين ڍاٽي مسافر

تبصرے

مشہور اشاعتیں

٭٭٭ اللہ غفور الرحیم ٭٭٭ ایک شرابی کے ہاں ہر وقت شراب کا دَور رہتا تھا. ایک مرتبہ اس کے دوست احباب جمع تھے شراب تیار تھی اس نے اپنے غلام کو چار درہم دیے کہ شراب پینے سے پہلے دوستوں کو کھلانے کے لیے کچھ پھل خرید کر لائے. وہ غلام بازار جا رہا تھا کہ راستے میں حضرت منصور بن عمار بصری رحمتہ اللہ علیہ کی مجلس پر گزر ہوا وہ کسی فقیر کے واسطےلوگوں سے کچھ مانگ رہے تھے اور فرما رہے تھے کہ "جو شخص اس فقیر کو چار درہم دے میں اس کو چار دعائیں دوں گا" اس غلام نے وہ چاروں درہم اس فقیر کو دے دیے. حضرت منصور رحمتہ اللہ علیہ نے فرمایا, بتا کیا دعائیں چاہتا ہے...؟ غلام نے کہا میرا ایک آقا ہے میں اس سے خلاصی چاہتا ہوں. حضرت منصور رحمتہ اللہ علیہ نے دعا فرمائی اور پوچھا دوسری دعا کیا چاہتا ہے...؟ غلام نے کہا مجھے ان درہموں کا بدل مل جائے. حضرت منصور رحمتہ اللہ علیہ نے اس کی بھی دعا کی پھر پوچھا تیسری دعا کیا ہے...؟ غلام نے کہا حق تعالٰی شانہ میرے سردار کو توبہ کی توفیق دے اور اس کی دعا قبول کرے. آپ رحمتہ اللہ علیہ نے اس کی بھی دعا کی پھر پوچھا چوتھی دعا کیا ہے...؟ غلام نے کہا حق تعالٰی شانہ میری, میرے سردار کی, تمہاری اور یہاں مجمعے میں موجود ہر شخص کی مغفرت کرے. حضرت منصور رحمتہ اللہ علیہ نے اس کی یہ بھی دعا کی. اس کے بعد وہ غلام خالی ہاتھ اپنے سردار کے پاس واپس چلا گیا. سردار اسی کے انتظار میں تھا. دیکھ کر کہنے لگا " اتنی دیر لگا دی...؟ غلام نے قصہ سنایا. سردار نے ان دعاؤں کی برکت سے بجائے غصہ ہونے اور مارنے کے یہ پوچھا کہ کیا کیا دعائیں کرائیں...؟ غلام نے کہا پہلی تو یہ کہ میں غلامی سے آزاد ہو جاؤں..... سردار نے کہا میں نے تجھے آزاد کر دیا,دوسری کیا تھی...؟ غلام نے کہا مجھے ان درہموں کا بدلہ مل جائے..... سردار نے کہا میری طرف سے تمہیں چار ہزار درہم نذر ہیں,تیسری کیا تھی....؟ غلام نے کہا حق تعالٰی شانہ تمہیں شراب وغیرہ فسق و فجور سے توبہ کی توفیق دے.... سردار نے کہا میں نے اپنے سب گناہوں سے توبہ کر لی, چوتھی کیا تھی....؟ غلام نے کہا حق تعالٰی شانہ میری,آپ کی, ان بزرگ کی اور سارے مجمع کی مغفرت فرما دے.... سردار نے کہا کہ یہ میرے اختیار میں نہیں ہے.... رات کو سردار کو خواب میں ایک آواز سنائی دی... جب تو نے وہ تینوں کام کر دیے جو تیرے اختیار میں تھے تو کیا تیرا یہ خیال ہے کہ اللہ وہ کام نہیں کرے گا جس پر وہ قادر ہے....؟ اللہ نے تیری, اس غلام کی, منصور کی, اور اس سارے مجمعے کی مغفرت کر دی ہے.... (ریاض الصالحین صفحہ ۱۲۰)