آئون ڪوئي ڪردي ناهيان، دنيا جو ڪيئن ڌيان ڇڪايان؟ آءُ مُسافر پنڇيءَ وانگي، جنهن جو ڪو به ٺڪاڻو ڪونهي، مُنهنجو ڪهڙو تعارف ماتا! مُنهنجي ڪا به سُڃاڻپ ڪانهي، آءُ مِٽيءَ جو رانديڪو هان، واريءَ تي ڄڻ ليڪو آهيان، جيڪو واءُ مِٽائي ويندو، مون وٽ پيلي پينٽ ڪٿي آ؟ مون وٽ سائي شرٽ به ناهي، مُنهنجا پير اُگهاڙا آهن، مون وٽ ڪوئي بوٽ به ڪونهي، جنهن ۾ ڪو جوراب هُجي ها، صحرا ڪوئي سمنڊ به ڪونهي، جنهن ۾ ڪو غوراب هُجي ها، جيڪو مونکي پار اُڪاري، آيل! آءُ اڪيلو آهيان، ٻَرندڙ ڪوئي ٻيلو آهيان، جنهن جي آڳ اُجهائڻ خاطر، صحرا ۾ ته سُتي ڀي ناهي، ڌرتيءَ تي ڪو راڄ ته ڇا پر، مون وٽ پنهنجو پَڊُ به ڪونهي، جنهن تي ڪوئي جهوپو اڏجي، جنهن مان ڪو نه ڪڏهن ڀي لڏجي، مونکي لوڪ تڙي ٿو تڙ تان، ”ڀَڄُ پَري ٿِي اوءِ اڌُوتا! ٿوري! تون مان ڌپَ اچي ٿي، پٽيا! تون ته پليتُ به آهين“! مسجد مون تي ممنوع آهي، مندر ۾ به اجازت ڪونهي، مون سان ڪا به رعايت ڪونهي، دانگيءَ تي ڪو نانءُ به ڪونهي، نانءُ ته ڇا پر ٿانءُ به ڪونهي، جنهن ۾ پاڻيءَ لپَ پيئان مان، اِئين ڪُتي جيئن ڪئين جيئان مان؟ اَڪَ پُڙي ۾ اَڇَ پنان ٿو، ڳڻتين جاڄڻ ڳچَ ڳنان ٿو، مون لئه سڀ کان مُقدس آهي، تنهنجي هَنجَ حياتيءَ جهڙي، ليڪن ٿڃ سُڪي وئي ماتا! تُنهنجي ڪو نه ٻُڌي ڪنهن داتا، آيل! ساهه اُڌارا آڻي، وينٽي ليٽر تي نه تڳائي، مونکي دل سان موڪل ڏي تون، آئون هلان ٿو هاڻ هِتان کان، هڪڙو وچن وٺان ٿو تو کان، ٻيهر ڪوئي ٻار نه ڄڻجان، غربت جهڙي گار نه ڄڻجان، تو کي ڪوئي حاتم طائي، هڪڙو سير اٽي جو ڏيئي، اوڇا ويڻ اُگهاڙا ڏيندو، اُن کان تون تذليل ڪرائي، پنهنجي لاءِ درد پِرائي، هيئن تماشو ڪيسين ٿيندين، زندهه لاشو ڪيسين ٿيندين!!؟

تبصرے

مشہور اشاعتیں

٭٭٭ اللہ غفور الرحیم ٭٭٭ ایک شرابی کے ہاں ہر وقت شراب کا دَور رہتا تھا. ایک مرتبہ اس کے دوست احباب جمع تھے شراب تیار تھی اس نے اپنے غلام کو چار درہم دیے کہ شراب پینے سے پہلے دوستوں کو کھلانے کے لیے کچھ پھل خرید کر لائے. وہ غلام بازار جا رہا تھا کہ راستے میں حضرت منصور بن عمار بصری رحمتہ اللہ علیہ کی مجلس پر گزر ہوا وہ کسی فقیر کے واسطےلوگوں سے کچھ مانگ رہے تھے اور فرما رہے تھے کہ "جو شخص اس فقیر کو چار درہم دے میں اس کو چار دعائیں دوں گا" اس غلام نے وہ چاروں درہم اس فقیر کو دے دیے. حضرت منصور رحمتہ اللہ علیہ نے فرمایا, بتا کیا دعائیں چاہتا ہے...؟ غلام نے کہا میرا ایک آقا ہے میں اس سے خلاصی چاہتا ہوں. حضرت منصور رحمتہ اللہ علیہ نے دعا فرمائی اور پوچھا دوسری دعا کیا چاہتا ہے...؟ غلام نے کہا مجھے ان درہموں کا بدل مل جائے. حضرت منصور رحمتہ اللہ علیہ نے اس کی بھی دعا کی پھر پوچھا تیسری دعا کیا ہے...؟ غلام نے کہا حق تعالٰی شانہ میرے سردار کو توبہ کی توفیق دے اور اس کی دعا قبول کرے. آپ رحمتہ اللہ علیہ نے اس کی بھی دعا کی پھر پوچھا چوتھی دعا کیا ہے...؟ غلام نے کہا حق تعالٰی شانہ میری, میرے سردار کی, تمہاری اور یہاں مجمعے میں موجود ہر شخص کی مغفرت کرے. حضرت منصور رحمتہ اللہ علیہ نے اس کی یہ بھی دعا کی. اس کے بعد وہ غلام خالی ہاتھ اپنے سردار کے پاس واپس چلا گیا. سردار اسی کے انتظار میں تھا. دیکھ کر کہنے لگا " اتنی دیر لگا دی...؟ غلام نے قصہ سنایا. سردار نے ان دعاؤں کی برکت سے بجائے غصہ ہونے اور مارنے کے یہ پوچھا کہ کیا کیا دعائیں کرائیں...؟ غلام نے کہا پہلی تو یہ کہ میں غلامی سے آزاد ہو جاؤں..... سردار نے کہا میں نے تجھے آزاد کر دیا,دوسری کیا تھی...؟ غلام نے کہا مجھے ان درہموں کا بدلہ مل جائے..... سردار نے کہا میری طرف سے تمہیں چار ہزار درہم نذر ہیں,تیسری کیا تھی....؟ غلام نے کہا حق تعالٰی شانہ تمہیں شراب وغیرہ فسق و فجور سے توبہ کی توفیق دے.... سردار نے کہا میں نے اپنے سب گناہوں سے توبہ کر لی, چوتھی کیا تھی....؟ غلام نے کہا حق تعالٰی شانہ میری,آپ کی, ان بزرگ کی اور سارے مجمع کی مغفرت فرما دے.... سردار نے کہا کہ یہ میرے اختیار میں نہیں ہے.... رات کو سردار کو خواب میں ایک آواز سنائی دی... جب تو نے وہ تینوں کام کر دیے جو تیرے اختیار میں تھے تو کیا تیرا یہ خیال ہے کہ اللہ وہ کام نہیں کرے گا جس پر وہ قادر ہے....؟ اللہ نے تیری, اس غلام کی, منصور کی, اور اس سارے مجمعے کی مغفرت کر دی ہے.... (ریاض الصالحین صفحہ ۱۲۰)