ٽياري
ڏياري
ڏياري هندو ڀائرن جو تهوار آھي ان تهوار تي گهر سينگاريندا آھن ، نوان ڪپڙا پائيندا آھن ۽ وڏا وڏا فٽاڪا بہ ڪرائيندا آھن.
خوشي ملهائڻ ھر ڪنهن جو حق آھي اها هندوئن جي خوشي جو ڏياڙو آھي پر خوشي جائز ۽ انساني طريقي سان ملهائجي، ان ڏياري جي عيد تي ڪروڙن جا فٽاڪا ساڙيا ويندا آھن ڇا اها هندوئن جي پنهنجي مذھب ۾ صحيح آھي؟؟ بلڪل نہ ڇو تہ هي مذھب صدين کان هلندو پيو اچي ، پراڻي زماني ۾ اهي فٽاڪا ڪونہ هوندا هئا اها ايجاد هن زماني ۾ ٿي آھي. مذھبي ڪم ڪرڻو اهو آھي جيڪو مذھب ۾ ٿيو هجي. اهي ڪروڙين رپيا جيڪي فٽاڪن تي خرچ ٿين ٿا صرف هٿ ٺوڪي رسم پوري ڪرڻ لاءِ جيڪڏھن انهن جو صحيح استعمال ڪيو وڃي اهي پئسا غريبن جي مدد لاءِ استعمال ٿين تہ ڪيڏو نہ بهتر ڪم آھي ائين ڪرڻ سان انسان ھجڻ جو فرض ادا ٿيڻ سان گڏوگڏ پئسي جو صحيح استعمال بہ ٿي ويندو . باقي جائز خوشي ڀلي ملائن گهر سينگارين نوان ڪپڙا پائن. بس رڳو پئسي کي باھ ۾ نہ ساڙن.
اميد تہ منهنجي پوسٽ کي سمجهندو ۽ انساني همدردي جو ٽبوت ڏيندا. اهي فٽاڪا ڪرڻ وارا ڪم جاهل ماڻھون ڪندا هئا انهن ۾ شعور ڪون هو هاڻ تہ سجاڳ ٿيو هاڻ شعور بہ آھي تعليم بہ آھي...
نورمحمد راهمون
®©
تبصرے
ایک تبصرہ شائع کریں